غلام فريد صابري

غلام فريد صابري

صابري غلام فريد

صابري، غلام فريد: پاڪستان جو ناميارو قوال غلام فريد صابري 1924ع ڌاري اوڀر پنجاب (ڀارت) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد موسيقار هو، جنهن کان ڇهن سالن جي عمر ۾ موسيقيءَ جي شروعاتي تعليم حاصل ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ئي قوالي ڳائڻ جو شوق هو. 1946ع ۾ مبارڪ شاهه جي عرس جي موقعي تي ڪليانا (انڊيا) ۾ هن پهريون ڀيرو هزارين ماڻهن آڏو قوالي ڳائي تمام گهڻي مڃتا ماڻي. سندس قوالي ڳائڻ جو انداز به منفرد ۽ نرالو هو، جنهن سبب کيس ٻين قوالي ڳائيندڙن ۾ نمايان حيثيت ملي. پاڪستان ٺهڻ بعد هزارين خاندانن جيان هي به پنهنجي خاندان سان گڏ لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. هن 1956ع ۾ پنهنجي ڀاءُ مقبول صابري سان گڏجي باقاعده قواليون ڳائڻ شروع ڪيو. 1958ع ۾ سندس پهريون قواليءَ جو البم رليز ٿيو. ڀارتي ۽ پاڪستاني فلمن ۾ به هن جي ڳايل قوالين گهڻي مقبوليت ماڻي، جن ۾ ‘ميرا ڪوئي نهين هي تيري سوا’، ‘ڀر دو جهولي ميري يا محمد’، ‘تاجدار حرم هو، نگاههِ ڪرم’، ‘من ڪُنت مولا’ شامل آهن. ڳائڻ جي انداز کيس ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سڃاڻپ ڏياري. 1976ع ۾ هو آمريڪا ويو ۽ اُتي هزارين ماڻهن آڏو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. ان کانسواءِ نيپال، ڪئنيڊا، دبئي، نيويارڪ وغيره ۾ به قوالي ڳائي مڃتا حاصل ڪيائين. هن اردوءَ کان سواءِ سرائيڪي، سنڌي ۽ پنجابي ٻولين ۾ به قوالي ڳائي مڃتا ماڻي هئي. کيس ڇهن نياڻين ۽ پنجن پٽن جو اولاد آهي، جن مان امجد علي صابري پڻ ملڪ جو ناميارو قوال هو. هن 5 اپريل 1994ع تي دل جي دؤري پوڻ سبب وفات ڪئي. ڪراچيءَ ۾ پاپوش نگر جي قبرستان ۾ مدفون آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1994.04.05  عيسوي

پاڪستان جو ناميارو قوال غلام فريد صابري 1924ع ڌاري اوڀر پنجاب (ڀارت) ۾ پيدا ٿيو. هن 5 اپريل 1994ع تي دل جي دؤري پوڻ سبب وفات ڪئي. ڪراچيءَ ۾ پاپوش نگر جي قبرستان ۾ مدفون آهي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالغفور سومرو
ضامن علي
بالي اقبال
ديبا سحر
استاد گلزار علي خان
صوفي آزاد فقير
استاد سلامت علي خان
راول فقير
صدر فقير لنجواڻي
ٻيجل سنڌي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون